اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) سڌ سماءَ ۽ قومي ورثي ۽ ??قا??ت واري وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ ريڊيو پاڪستان جي سينئر نيوز ڪاسٽر تسڪين ظفر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته تسڪين ظفر جي لاڏاڻي جو ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هو هڪ باصلاحيت ۽ تجربيڪار نيوز ڪاسٽر هئي، سندس وفات سان نه رڳو ريڊيو پاڪستان پر ميڊيا انڊسٽري کي تمام گهڻو نقصان پهتو. وفاقي وزير تسڪين ظفر ج?? ڪٽنب سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت ا??فردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر ڏئي.