اسلام آباد-13 جون (اي پي پي)ناڻي واري سيڪريٽري امداد الله بوسال چيو آهي ته پگهارن ۾ اضافو بنيادي پگهار تي ٿيندو. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس دوران هڪ سوال تي هن چيو ته جن ??ود??ختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن حڪومتي پي اسڪيل لاڳو ڪري ڇيو آهي، ??ضافو انهن تي لاڳو ٿيندو، تنهن هوندي به جن خود مختيار ادارن، ڪارپوريشنن جا پنهنجي پي اسڪيل هوندا اهي پنهنجي طريقيڪار موجب ان تي عمل ڪندا. هن چيو ته اي او بي آءِ هڪ ??ود??ختيار ادارو آهي، پينشن ۾ اضافي جو ف??صلو هو پاڻ ڪندو.