اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) ترڪمانستان جو پرڏيهي وزير راشد مير دودف پرڏيهي آفيس پهچي ويو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير جو استقبال ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ??وجب راشد مير دودف ۽ نائب وزيراعظم جي وچ ۾ تفصيلي ڳاله?? ٻولهه ٿيندي. ٻئي اڳواڻ ٻطرفي سياسي مشاورت جي ٽئين دور ۾ پنهنجي پنهنجي وفدن جي قيادت ڪرڻ کانسواءِ عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ٻئي اڳواڻ پاڪستان ترڪمانستان ??اڳاپن کي مثبت تحرڪ ڏيڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي تعاون، علائقائي رابطن ۽ ثقافتي لاڳاپن تي خاص ڌيان ڏيڻ سان گڏ ٻطرفي تعاون جون راهون ڳولڻ جي لاءِ ڳاله?? ٻولهه ڪندا.