اسلام آباد – 30 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل ڊيزاسٽر مئ??يج??ينٽ اٿارٽي ( اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين کي سڄي ملڪ ۾ سانوڻي جي برساتن سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم شهباز شريف ٽيليفون تي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ کي برساتن سان ??يندڙ جاني ۽ مالي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ، صوبائي ڊيزاسٽر مئ??يج??ينٽ ڊپارٽمينٽس، آزاد ڪشمير اسٽيٽ ڊيزاسٽر مئ??يج??ينٽ اٿارٽي ۽ گلگت بلتستان ڊيزاسٽر مئ??يج??ينٽ اٿارٽي سان رابطو وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۽ برساتن ۽ لينڊ سل??ئيڊنگ کان ??تاثر رستن کي بحال ڪرڻ جي حوالي سان تيز ترين قدمن جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته متاثر علائقن ۾ علاج جي سمورين سهولتن ۽ امدادي سامان سميت دوائن ۽ ٻين ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم سانوڻي جي برساتن ۽ ان ڏس ۾ پيدا ٿيندڙ ٻوڏ واري صورتحال جي نتيجي ۾ ٿيندڙ فوتگين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ فوت ٿيندڙن جي بلند درجن جي لاءِ دعا ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم برساتن سبب حادثن ۾ زخمي ٿيندڙن کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.