اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بيلسٽڪ ميزائيل شاهين ٽو جي ڪامياب تجربي تي سائنسدانن ۽ انج??يئ??ن کي مبارڪون ڏنيون آهن. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته بيلسٽڪ ميزائيل شاهين ٽو جي ڪامياب تربيتي لانچنگ پاڪستان جي سائنسدانن ۽ انج??يئ??ن جو شاندار ڪارنامو آهي. اسان جي سائنسدانن ۽ انج??يئ??ن هڪ دفعو ٻيهر فني مهارت ۽ پيشيوراڻي صلاحيت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. هن چيو ته سائنسدانن ۽ انج??يئ??ن محنت ۽ چاهه سان اڄ پاڪستان ميزائيل ??يڪ??الاجي ۾ هڪ ٻيو سنگ ميل عبور ڪيو آهي. پاڪستان جي اسٽريٽجڪ ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي ڪري پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي.