ڪوئٽا -04 سيپٽمبر (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز احمد بگٽي چيو آهي، ته دهشتگرد آسان هدف کي نشانو بڻائيندا آهن، اسان معصوم ماڻهن کي ??هشتگردي ??و نشانو بڻائيندڙن کي ??برت جو نشانو بڻائينداسين. بلوچستان ۾ ڪنهن به دهشتگرد کي ڪا به رعايت نه ڏني ويندي، بلوچستان جي حڪومت شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ??سڪالرشپس تي هارورڊ ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽين ڏانهن موڪلي رهي آهي جڏهن ته بشير زيب انهن کي ??پگهاتي بمبار بڻائي رهيو آهي. بلوچستان جي عوام کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته انهن جي حق ۾ ڪير آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن صوبائي ڪابينه جي اجلاس کي ??طاب دوران ڪيو. اجلاس ۾ دهشتگردي ??ي تازن واقعن ۾ شهيد ٿيل جوانن ۽ شهرين لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي. وزيراعليٰ بلوچستان مير سرفراز بگٽي چيو ته صوبي ۾ دهشتگردي ??ي تازن واقعن ۾ جهڙي ريت اضافو نظر آيو آهي، ان تي بلوچستان اسيمبلي جي ميمبرن متحد ٿي دهشتگردي ??ي مذمت ڪئي، اڄ صوبائي ڪابينه پڻ بلوچستان جي ماڻهن جي آواز کي ڏسندي نه صرف انهن واقعن جي مذمت ڪري ٿي.هن چيو ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا دهشتگرد آسان هدف ڳولهين ٿا ۽ معصوم شهرين کي ??هيد ڪن ??ا. هن چيو ته نالي ماتر جنگ جو نان ڪائنيٽڪ ريسپانس اسان سڀني دوستن تي لاڳو ٿئي ٿو. ضروري آهي ت?? گورننس جي ماڊل کي ??هتر بڻايو وڃي، اسان کي هڪ پاسي ٿيڻو آهي، جنهن سان عام بلوچن کي فائدو ملي. هن چيو ته اڳ به صوبائي وزيرن ۽ سيڪريٽرين کي هدايت ڪئي وئي هئي ت?? اهي حڪومت جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪن، هر وزير يا سيڪريٽري هر ضلع جو دورو ڪري ۽ صورتحال جو جائزو وٺي.