نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي ڌيان ??و محور آهي، مشڪل پر ضروري فيصلا ڪيا آهن، مالياتي خساري تي ضابطو آندو آهي، مهانگائي هڪ انگ تي اچي وئي آهي.گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال مارچ ۾ پنهنجو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي ملڪ جي 24 ڪروڙ عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي اسان ??ي ڌيان ??و محور رهي آهي، اسان مشڪل پر ضروري فيصلا ڪيا آهن جن اسان ??ي معيشت کي ڪِرڻ کان ??چايو آهي، اسان ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي بحال ڪيو، مالياتي خساري تي ضابطو آندو، پنهنجي ذخيرن کي سگهه ڏن?? جنهن جي نتيجي ۾ مهانگائي هڪ انگ تي اچي وئي آهي. هن چيو ته ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ۽ وچ اوڀر جي سنگم تي موجود اسان پنهنجي ماڻهن جي لاءِ هڪ جهڙي طور تي لاڀائتا نتيجا حاصل ڪرڻ جي لاءِ جاگرافيائي معاشي ۽ علائقائي رابطن کي ترجيح ڏن?? آهي، شاندار چين پاڪستان ??قتصادي لنگهه (س?? پيڪ) جي ٻئي مرحلي جي ڪاميابي سان ??روعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ذريعي اسان مستحڪم انفراسٽرڪچر، قابل تجديد ت??انائي، معدنيات، پائيدار زراعت ۽ ٽ??ڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪري رهيا آهيون، اها ترقي ۽ جديديت جي هڪ نئين دور جي شروعات هوندي.