اسلام آباد – 07 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران مٿاهي??، وچولي پنجاب، اتر اوڀر بلوچستان، خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ?? تيز هوائن/ جهڪ هلڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. ان دوران خيبر پختونخوا جي مٿاهين وا??ن علائقن ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز برسات/ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرم?? پد سکر، سڪرنڊ، لسٻيله، خيرپور، مٺي، تربت ۽ دادو ۾ 39 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.