نيويارڪ – 25 – سي??ٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيويارڪ ۾ بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس جي دعوت تي بنگلاديش جي گڏيل ق??من ۾ ميمبرشپ جا 50 سال مڪمل ٿيڻ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دفاع وار?? وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وار?? وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. ڊاڪٽر محمد يونس وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو شاند??ر استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي اتفاق ٿيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي حوالي سان مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي.