لاهور- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي ضلعي اسپين وام واري علائقي ۾ خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاروائي ۾ 6 خوارجي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ڪيو آهي. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪرڻ دوران جان جو نذرانو ڏيندڙ جوانن کي خراج ع??يدت پي?? ڪيو. وزيراعظم شهيد ٿيل اهلڪارن جي بلند درجن لا??ِ دعا گهرندي سندسن ڪٽنبن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج لازوال قربانيون ڏنيو آهن. هن وڌيڪ چيو ته پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جو عز م ڪيو آهي.