راولپنڊي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) اُتر وزيرستان جي ضلعي جي علائقي اسپن وام ۾ دهشتگردن خلاف بهادريءَ سان وڙهندي ش??ادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمدعلي ش??ڪت سميت پاڪ فوج جي ش??يد 6 جوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي ش??ڪت شهيد (عمر 43 سا??، رهواسي فيصل آباد)، لانس نائيڪ محمد الله شهيد (عمر 29 سا??، رهواسي خيبر)، لانس نائيڪ اختر زمان شهيد (عمر 30 سا??، رهواسي لڪي مروت)، لانس نائيڪ شاهد الله شهيد (عمر 29 سا??، رهواسي ٽانڪ)، لانس نائيڪ يوسف علي ش??يد (عمر 31 سا??، رهواسي اورڪزئي) ۽ سپاهي جميل احمد شهيد (عمر 26 سا??، رهواسي سوات) گذريل ڏينهن دهشتگردن سان بهادريءَ سان مقابلو ڪندي ش??ادت ماڻي، جن کي سندن اباڻن ڳوٺن ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ سينيئر حاضر سروس فوجي آفيسرن، فوجي جوانن، شهيدن جي وارثن ۽ علائقن جي معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته اسان جي ش??هدن جون اهي قربانيون دهشتگرديءَ خلاف جاري جنگ ۾ اسان جي عزم ۽ حوصلي کي ت??وي?? بخشين ٿيون.