اسلام آباد-12 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان 15 کان 16 آڪٽوبر ت?? اسلام آباد ۾ شنگهائ?? تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊ آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي 23 هين اجلاس جي ميزباني ڪندو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪائونسل آف هيڊ آف گورنمينٽ ج?? هاڻوڪي چيئرمين هجڻ جي ناطي وزيراعظم محمد شهباز شريف اجلاس جي صدارت ڪن??و. ??جلاس ۾ چين، روس، بيلاروس، قزاخستان، تاجڪستان، ڪرغزستان ۽ ازبڪستان جا وزيراعظم پنهنجي ملڪن جي نمائندگي ڪندا. ايران جو نائب صدر اول، ڀارت جو پرڏيهي وزير پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا. منگوليا جو وزيراعظم مبصر اسٽيٽ ۽ ترڪمانستان جي ڪابينا جو ڊپٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير اجلاس ۾ خاص مهمان طور شريڪ ٿيندا. ان اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف ملڪي سربراهن ۽ وفدن سان ٻطرفيون اهم ملاقاتون به ڪن??و. ??جلاس ۾ ميمبر ملڪن وچ ۾ تازي اقتصادي، واپاري، ماحولياتي، سماجي، ثقافتي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ به ٿيندي. اجلاس ۾ تنظيم جي ڪارڪردگي تي به غور ڪيو وين??و. ??يس سي او ميمبر ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي حوالي سان اهم فيصلا به ڪيا ويندا جڏهن ته تنظيم جي بجيٽ ج?? منظوري به ڏني ويندي.