اسلام آباد-25 آڪٽ??بر (اي پي پي) گهرو معاملن واري و??اقي وزير محسن نقوي ميانوا??ي پوليس کي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پنجاب پوليس جي بهادر جوانن 10 خوارجي دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو.جمعي ڏين??ن پنهنجي بيان ۾ وفاقي گهرو وزير ڊي پي او ميانوالي اختر فاروق ۽ پوليس ٽيم کي شاباش ڏيندي چيو ته ميانوا??ي پوليس جي ٽيم جرئت سان خوارجي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. پنجاب پوليس جي ڪمانڊر آءِ جي عثمان انور ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. هن چيو ته ميانوا??ي پوليس جي ڪارنامي تي قوم کي فخر آهي. پنجاب پوليس جي بهادر سپوتن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. 10 خوارجي دهشتگردن کي مارڻ وارا پوليس اهلڪار قوم جا هيرو آهن.