اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف چيو آهي، ته ايران خلاف اسرائيلي جارحيت جي تازن ق??من تي سخت ڳڻتي آهي، وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران گذريل ڏينهن جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد ش??با?? شريف ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ايران خلاف اسرائيل جي جارحيت جي تازن ق??من تي سخت ڳڻتي آهي، اسرائيل جي انهن ق??من جي شديد مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته اهڙي طرح جي قدمن سان نه رڳو علائقائي امن ۽ استحڪام کي خطرو آهي پر هي ڪارروائي خودمختياري ۽ عالمي قانون جي اصولن جي به ڀڃڪڙي آهي. وزيراعظم محمد ش??با?? شريف چيو ته پاڪستان امن ق??ئم ڪرڻ لاءِ ايران ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن سان گڏجي ڪم ڪندو رهندو، پاڪستان سمورين ڌرين تي زور ڀري ٿو ته هو وڌيڪ ڇڪتاڻ کان بچڻ لاءِ تحمل کان ڪم وٺن.