لاهور -10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي اسپين ??ام ۾ ف??نه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوان?? کي خراج تحسين ??يش ڪندي 6 خوارجي?? کي جهنم ڀيڙو ۽ 6 کي زخمي ڪري گرفتار ??رڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻين صلاحيتن جي ت??ريف ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي هن لعنت جي خاتمي ت??ئين جنگ جاري رهندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ ڏڦيڙ پکيڙيندڙ ڌرين جي مڪمل خاتمي لاءِ پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.