اسلام آباد-11 ن??مب?? (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان اي پي ايم ٽرمينلز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سي اي او ڪيٿ سوينڊسن ڪالهه هتي ناڻي واري ڊويزن ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ڊئنمارڪ جي سفير جيڪب لينولف، ڊئنمارڪ ۾ پاڪستان جي سفير شعيب سرور سميت اعليٰ عملدار به موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڊئنمارڪ وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌائڻ ۽ جٽادار اقتصادي اؤسر کي تيز ڪرڻ لاءِ گذريل مهيني هڪ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيح کانپوءِ ٿيل اڳڀرائي تي توجهه ڏني وئي. سبز ۽ پائيدار پبلڪ ??رائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) سيڙپ??ار??ءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ وڌائڻ آهي. سينيٽر محمد اورنگزيب اي پي ايم ٽرمينلز جو پاڪستان ۾ سيڙپ??ار??ءَ جي عزم جي آجيان ??ئي ۽ گروپ ک?? سهولت فراهم ڪرڻ ۽ پاڪستان ۾ سيڙپ??ار?? لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ م مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. ڪيٿ سوينڊسن، ناڻي واري وزير کي اي پي ايم ٽرمينلز جي بزنس پورٽ فوليو ۽ پاڪستان ۾ پورٽ انفراسٽرڪچر جي تعمير جي رٿائن جي باري ۾ ٻُڌايو ته جيئن روينيو ۾ واڌ ۽ علائقائي واپار ۽ رابطن ۾ بهتري اچي.