تونسه بئراج/ ڪوٽ ادو – 22 – نومبر (اي پ?? پي) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته پنجاب بلوچستان جي ما??هن جي لاءِ پنهنجي دل سدائين ڪشادي رکي آهي، ان تي پ??جاب جي ما??هن ۽ حڪومت جا ٿورائتا آهيون، ڪينال جو 100 ڪلوميٽر رهجي ويو آهي، اهو شهباز شر??ف اسپيڊ سان جلد مڪمل ٿي سگهي ٿو. تونسه ۾ ڪڇي ڪينال منصوبي جي بحالي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته 2002ع ۾ ان منصوبي جي منظوري ٿي جڏهن ته اهو منصوبو مرده گهوڙو بڻجي ويو هو، نواز شريف جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ان جي تڪميل ٿي ۽ خوشحالي جو دور ڏٺو، 2022ع ۾ هتي ٻوڏ سبب تباه?? آئي ۽ اسان جي علائقن مان ما??هن لڏپلاڻ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي، هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي گذارش تي ان خواب جي هاڻي تڪميل ٿي آهي، ان تي وفاق ۽ پنجاب حڪومت جا ٿورائتا آهيون، پنجاب بلوچستان جي ما??هن جي لاءِ پنهنجي دل سدائين ڪشادي رکي آهي ان تي پ??جاب جي ما??هن ۽ حڪومت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته هن ڪينال جو 100 ڪلوميٽر رهجي ويو آهي، اهو شهباز شر??ف اسپيڊ سان جلد مڪمل ٿي سگهي ٿو، بلوچستان جي ما??هن جي اها ئي خواهش آهي. هن چيو ته دهشتگرد معصوم ما??هن کي شهيد ڪري رهيا آهن، انهن جو ڪو علائقو يا مذهب نه آهي، پاڪستان هڪ گلدستو آهي.