اسلام آباد- 09 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ??ميت سڄي دنيا ۾ انساني حقن جو عالمي ڏينهن اڱاري 10 ڊسمبر تي ملهايو ويندو. اهو ڏينهن انساني حقن جي عالمي پڌرائي (يو اين ايچ آر) جي سالگره جي موقعي تي ملهايو ويندو آهي. ان ??اري??ي دستاويز ۾ نسل، رنگ، مذهب، جنس، ٻولي، سياسي يا ٻي راءِ، قومي يا سماجي حقيقت، ملڪيت، پيدائش يا ٻي حيثيت کي هڪ پاسي رکندي انهن حقن کي شامل ڪيو ويو آهي جن جو هر شخص انسان ??ور حقدار آهي. هلندڙ ??ال انساني حقن جي ڏينهن 2024ع جو موضوع ”اسانجا حق، اسانجو مستقبل“ چونڊيو ويو آهي. انساني حقن جو ڏينهن 2024ع ٻارن، نوجوانن وچ ۾ انساني حقن، تعليم کي هٿي ڏيڻ تي ڌيان ڏئي ٿو جيڪو ننڍي عمر کان ??ي ??را??ري، انصاف ۽ وقار جي قدرن کي هٿي ڏيڻ جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. ان ڏينهن جو اعلان 10 ڊسمبر 1948ع تي پيرس ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ڪيو هو ۽ ان ۾ پهريون ڀيرو بنيادي انساني حقن جو عالمي طور تي تحفظ ڪيو ويو هو. انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ??رڪاري ۽ عير سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ تقريبون منعقد ڪيون وينديون.