اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي ??ي پي)هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته ??ڌندڙ آباديءَ سان هائوسنگ جي ضرورتن کي به هنگامي بنيادن تي ڏسڻو پوندو، پاليسي سا??يء?? ۾ يونيورسٽين ۽ ريسرچرز جو اِن پُٽ اڻٽر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگوئجز ۾ ريئل اسٽيٽ جي موضوع تي ڪانفرنس کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ??مل مبارڪن جي مستحق آهي ته ??هريون ڀيرو ان موضوع تي اهڙي ڪانفرنس منعقد ڪئي. هائوسنگ جي ضرورتن کي هنگامي بنيادن تي ڏسڻ اڻٽر آهي. هن چيو ته اسان کي انهن ملڪن جي ماڊلز جي پيروي ڪرڻي پوندي جن نئين آئيڊياز سان هائوسنگ ۽ ريئل اسٽيٽ ۾ بي پناهه ترقي ڪئي. ان سان گڏوگڏ پاليسي سا??يء?? ۾ يونيورسٽين ۽ ريسرچرز جو اِن پُٽ به اڻٽر آهي. هن چيو ته ريئل اسٽيٽ ۽ هائوسنگ ۾ شفافيت ۽ سهڪار جو فقدان آهي، شاگرد اسان جو قيمتي سرمايو آهن جن جي شموليت ريئل اسٽيٽ جي شعبي ۾ نواڻ آڻيندي.