اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان شام جي خلاف ??سرائيلي جارحيت ۽ شامي سرزمين تي ان جي غيرقانوني ق??ضي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ت??جم??ن پاران ج??ري بيان ۾ چيو ويو آهي ته شام جي خودمختي??ري ۽ علائقائي سالميت تي اهو حملو عالمي ق??نون جي سنگين خلاف ورزي آهي. ت??جم??ن چيو ته اسرائيل جا اشتعال انگيز قدم اڳ ۾ ئي غيرمستحڪم خطي ۾ اهڪ خطرناڪ اڳڀرائي آهي. بيان موجب اسرائيل عالمي ق??نونن جي کليل خلاف ورزين ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ق??اردادن جي خلاف ورزي ج??ري رکي آهي. ت??جم??ن پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان شام جي خودمختي??ري ۽ علائقائي سالميت جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪري ٿو ۽ اسرائيل پاران طاقت جي ذريعي علائقي کي حاصل ڪرڻ کي رد ڪري ٿو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ق??ارداد 497 جي ل??ءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا جيڪو گولان جي جبلن تي اسرائيل جي جبري ق??ضي کي غيرقانوني ۽ عالمي ق??نون کان مٿانهون قرار ڏي ٿو. بيان ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سميت عالمي برادري تي زور ڏنو ويو آهي ته اها اسرائيلي ڇوٽ، ان جي عالمي ق??نونن جي بار بار خلاف ورزين ۽ خطي جي ملڪن جي خلاف ??ارحيت جي خاتمي جي ل??ءِ فوري ۽ فيصلائتا قدم کڻي. پاڪستان ان ڳالهه جو به ورجاءُ ڪيو ته والاريل فلسطين ۽ شام جي گولان سميت ٻين والاريل علائقن مان اسرائيل جي مڪمل انخلا کانسو??ءِ وچ اوڀر ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي.