اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڪڊني ا??نڊ ليور انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ا??ل آئي) ۾ جديد ترين روبوٽڪ سرجري جي شروعات تي خوشي جو اظهار ڪندي ا?? سهولت جي شروعات تي ڊاڪٽرز ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته الحمدالله پاڪستان ۾ جگر ۽ گردي جي علاج جو جيڪو ٻوٽو پوکيو هو ان ميوو ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، پي ڪي ا??ل آئي ٺاهڻ جو بنيادي مقصد اهل وطن کي ملڪ جي ا??در ئي جگر ۽ گردي جي جديد ترين علاج جي سهولت ڏيڻ هئي، ??ن سهولت جي شروعات سان پاڪستان ۾ مريضن کي جگر ۽ گردن جي ورلڊ ڪلاس علاج جي مقامي سطح تي سهولت ميسر اچي وئي آهي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته پي ڪي ا??ل آئي پاڪستان جو ”جان پاڪنز“ بڻجندو. هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار 2019ع ?? پنهنجي ڀاءُ کي وڌيڪ پگهار ڏيارڻ جي لاءِ چڪر ۾ چڪر نه هلائي ها ته اڄ پي ڪي ا??ل آئي تمام گهڻو اڳتي هجي ها. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ گردي ۽ جگر جي مرضن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، ??ميد آهي پي ڪي ا??ل آئي سان ان مرضن کي روڪڻ ۽ موت جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ گردي جي مرضن سان فوت ٿيندڙ مريضن جو انگ 2.77 سيڪڙو آهي جنهن کي روڪڻ جي لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته پي ڪي ا??ل آئي جهڙي ??سٽ??ٽ آف دي آرٽ اسپتال ٻين علائقن ۾ به ٺاهينداسين. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت ادارن ۽ سياسي مخالفن جي خلاف روبوٽڪ ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي رهي، ??سان اها ٽيڪنالاجي عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪئي. هن چيو ته تعليم، صحت جي عالمي سطح جي سهولتن جي پاڪستانين کي فراهمي ا??لين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته 2018ع ۾ عوام جي ڀلائي جو جيڪو سفر روڪيو ويو هو، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان هاڻي ٻيهر شروع ٿي چڪو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عوام جي خدمت لاءِ جيڪا به قيمت ادا ڪرڻي پئي ادا ڪندس، عوام جي خدمت جو رستو نه ڇڏيندس.