ڊيووس – 23 جنوري (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ تباهي هوندي، جنگُون مسئلا حل ڪرڻ بدران وڌيڪ مسئلا پيدا ڪنديون آهن، ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي سي اين بي سي جي هيڊلي گيمبل کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ وزير??عظ?? چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران جي وچ جنگ ٿي ته اها تباهي آڻيندڙ هوندي، يقين ڪريو ته ايران جو تڪرار افغانستان جي مقابلي ۾ انتهائي مشڪل هوندو، وزير??عظ?? آمريڪا جي طرفا?? ڳالهين لاءِ آمادگي کي ذميداراڻو قرار ڏيندي چيو ته 19 سال گذرڻ جي باوجود افغانستان جو تڪرار حل نه ٿي سگ??يو ۽ ڌريو?? ڳالهين جاري رکڻ ۽ فائربندي لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن، هن چيو ته افغانستان ۾ به ماڻهو مري رهيا آهن، هڪ کرب ڊالر کان وڌيڪ خرچ ٿي چڪا آهن ته ڇا آمريڪا وڌيڪ ڪنهن ??ڪر جي سٽ سهي سگهي ٿو.