اسلام آباد – 28 جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا اڳوڻن ??زي??اعظمن محمد نواز شريف، يوسف رضا گيلاني ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڪئمپ آفيس، سيڪيور??ي، انٽرٽينمينٽ ۽ پرڏيهي نجي دورن تي خرچ ٿيندڙ اربين رپيا هڪ مهيني ۾ وصول ڪرڻ ۽ صدر ۽ ??زي??اعظم جي پگهارن ۽ مراعتن جي قانون ۾ ترميم جي منظوري ??ئي ڇڏي آهي، ان ترميم سان هاڻي صدر ۽ ??زي??اعظم جي رڳو هڪ رهائشگاهه کي سرڪاري رهائشگاهه جو درجو ڏنو ويندو ۽ جڳهه جڳهه ڪئمپ آفيسز قائم ڪرڻ ۽ انهن تي سرڪاري ناڻي ۽ عوام جي پئسي سان ٿيندڙ خرچن جي روڪٿام ڪري سگهبي، اڳتي ڪنهن به پبلڪ آفيس هولڊر بشمول صدر ۽ ??زي??اعظم جي لاءِ ڊيوٽي فري ??اڏي جي سهولت نه هوندي. ??زي??اعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپ??ءِ ??زي??اعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ مواصلات واري وفاقي ??زي?? مراد سعيد سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا سنڌ ۾ انسپيڪٽر جنرل پوليس جي مقرري جي معاملي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو.