اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ بنيادي ضرورتن جي شين جي قيمتن ۾ استحڪام ۽ انهن ۾ ممڪن حد تائين گهٽتائي آڻڻ حڪومت ج?? اولين ترجيح آهي، هن هدايت ڪئي ته ڪڻڪ، کنڊ ۽ ٻين ضرورت ج?? شين جي ذخيري جا حقيقي تفصيل ۽ طلب ۽ پهچ جي حوال?? سان صحيح ڪاٿن تي خاص ڌي??ن ڏنو وڃي ته جيئن بنيادي شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڳواٽ انتظام ڪري سگهجن، اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي حوصلا شڪني ۽ روڪٿام تي خاص ڌي??ن ڏنو وڃي، صوبائي حڪومتون ڪڻڪ جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوال?? سان تجويزن تي فوري طو?? تي غور ڪن ته جيئن ان جو باقاعده اعلان ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بنيادي ضرورتن جي شين جي قيمتن جي حوال?? سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.