اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر ظهير الدين بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي 5 جون کان شروع ٿيندڙ اجلاس جي انتظامن ۽ قانون سازي جي عمل ک?? وڌيڪ موثر بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر پارلياماني صلاحڪار کي قومي اسيمبلي جي 5 جون کان شروع ٿيندڙ اجلاس لاءِ ڪيل انتظامن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. اسپيڪر اسد قيصر چيو ته ڪورونا وائ??س وبا جي خط??ن کي نظر ۾ رکندي قومي اسيمبلي جي 5 جون کان شروع ٿيندڙ اجلاس لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ کي پارليامينٽ هائوس ۽ پارليامينٽ لاجز ۾ موثر انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي ??ئي آهي.