اسلام آباد – 04 جون (اي پي پي) ني??نل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي ??و سي) جي اجلاس ۾ ڪورونا وائرس پکڙجڻ کان بچاءُ لاءِ ايس او پيز جي لاڳو، خلاف ورزي تي سخت انتظامي ڪارروائي ۽ ٽيسٽ، ٽريس ۽ قرنطينه ڪرڻ جي حڪمت عملي تي ڀرپور عملد??آم?? يقيني بڻائڻ تي غ??ر ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر ڪئي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت صوبائي چيف سيڪريٽريز ني??نل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي ??و سي) کي ٻڌايو آهي ته عوامي هنڌن، مارڪيٽن، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ صنعتي شعبن جي وڌيڪ خطرن وارن علائقن ۾ سماجي فاصلي ۽ ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف سخت انتظامي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر خطاب ڪندي چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا تي ضابطو آڻڻ جي حڪمت عملي جو مرڪزي نقطو ايس او پيز تي عملد??آم?? ۽ قرنطنيه قدمن کي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ آهي، هن وڌيڪ چيو ته وبا پکيڙجڻ جي خطري تي ضابطو آڻڻ جي حڪمت عملي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سمورن قدمن تي تيزي سان عملد??آم?? ڪرڻ گهرجي.