اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او ??ي) ڪورونا وائرس بابت تازا انگ اک?? جاري ڪري ڇڏيا آهن، ڪووڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙ ماڻهن جو تعداد مثبت ڪيسن کان ??ڌي ويو، هڪ لک 13 هزار 623 ڪورونا متاثرين مڪمل صحتياب، گلگت بلتستان ۾ ڪو به مريض وينٽي ليٽرز تي نه آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 4 هزار 87 نوان ??ازيٽو ڪيس، 78 ماڻهو فوت ٿيا. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او ??ي) پاران جاري ڪووڊ 19 جي حوالي سان ڪورونا وائرس جا هڪ لک 3 هزار 722 ڪورون ايڪٽو ڪيس آهن، جنهن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن 4 87 ڪيس شامل آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 هزار 941 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 436، پنجاب ۾ 8 هزار 521، ڪي پي ڪي ۾ 1867، اسلام آباد جا 2هزار 324، بلوچستان ۾ 459، گلگت بلتستان ۾ 101، آز??د ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 233 ٽيسٽ شامل آهن، سڄي ملڪ ۾ 436 ڪورونا مريض وينٽي ليٽرز تي آهن، سڄي ملڪ ۾ هن وقت تائين 2 لک 21 هزار 896 تصديق ٿيل ڪيس آهن جنهن مان سنڌ جا 89 هزار 235، پنجاب جا 78956، خيبرپختونخوا جا 27 هزار 170، اسلام آباد جا 13 هزار 195، بلوچستان جا 10 هزار 666، گلگت بلتستان جا 1524 ۽ آزاد ڪشمي?? جا 1160 مريض شامل آهن.