اسلام آباد – 10 سيپ??مب?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستاني مصنوعات جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معيار ??ي حوالي سان خدشا مصنوعات جي روانگي واپار ??ي فروغ ۾ وڏي رڪاوٽ آهن، معيار ??ي جاچ پڙتال جي نظام ۾ انساني مداخلت کي گهٽ ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. هو هتي ملڪ ۾ صنعتي مصنوعات جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري ??هيو هو. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير چوڌري فواد حسين، واپار وارو صلاحڪار ??بدالرزاق دائود، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ ٿيا، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وزير چوڌري فواد حسين ملڪ ۾ صنعتي ۽ ٻي مصنوعات جي معيار ??ي حوالي سان موجوده نظام، پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿار??ي جي نئين سر جوڙجڪ ۽ ملڪ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت معياري ٽيس??نگ ليبارٽريز جي قيام ۽ صنعتي مصنوعات جي معيار کي يقيني بڻائڻ جي ڏس ۾ نجي شعبي جي ڪردار کي متحرڪ ڪرڻ جي حوالي سان قدمن کان آگاهه ڪيو.