لاهور – 25 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا سان ڏهاڙي فوتگ??ون 50 کان وڌي و??ون آهن، هڪ قوم جي حيثيت ۾ احتياط نه ڪيو ويو ته ڪورونا ڪيسز ۾ اضافي سان گڏوگڏ معيشت به متاثر ٿيندي، سماجي فاصلن ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪري ئي ڪورونا کي شڪست ڏئي ??گهجي ٿي، پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن رمضان المبارڪ ۾ مسجدون بند نه ڪيون، عوام ۽ عالم سڳورن جهڙي طرح اڳ ۾ ڪورونا وبا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت سان پورو تعاون ڪيو، اڄ ٻيهر ان تعاون جي ضرورت آهي، ڪورونا کان بچائيندي بچائيندي ماڻهن کي بک سان نه ٿا ماري سگهون، ان لاءِ ڪاروبار ۽ فيڪٽر??ون بند نه ڪنداسين، ڪورونا وبا دوران جلسن جلوسن جي اجازت نه ٿي ڏئي ??گهجي، مخالف ڌي جيترا مرضي جلسا ڪري اين آر او نه ملندو، معاشي لحاظ کان پاڪسدتان صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، فيصل آباد ۾ فيڪٽر??ون تيزي سان هل??ون ۽ مزدورون جي کوٽ درپيش آهي، قرضن جي قسطن جي ادائيگي جي ڪري معاشي مشڪلاتون درپيش آهن، قسطون نه ادا ڪرڻ??ون پون ته اسان جي آمدني خرچ?? کان وڌيڪ آهي، اوورسيز پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، پنجاب ۾ قبضا گروپ جي خاتمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، شگر مافيا ڳٺ جوڙ سان کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو، راوي ريور منصوبي تحت 60 لک وڻ لڳايا ويندا، ڪامياب پرڏيهي پاليسي سان دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت اميج اڀريو آهي، اسان ڪشمير جي معاملي ۾ ڀارت کي دنيا آڏو بي نقاب ڪيو، ڊو مور جو مطالبو ڪندڙ آمريڪا اڄ اسان کي ساراهي رهيو آهي، ترڪي، ايران، افغانستان، سعودي عرب ۽ يو اي اي سان تمام سٺا لاڳاپا آهن، جيستائين اسرائيل فلسطين کي آزادي نه ٿو ڏي ان وقت تائين اسرائيل کي تسليم نه ٿو ڪري سگهجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.