اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هز??ر 519 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 64 ماڻهو فوت ٿيا جنهن مان 61 ماڻهو اسپتالن جڏهن ته 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان ??ائرس سبب فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ??لتان ۾ 21 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو، پشاور 16 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 35 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ??شاور ۾ 39 سيڪڙو، اسلام آباد 26 ۾ سيڪڙو، گجرات ۾ 94 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 25 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 40 هز??ر 473 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هز??ر 52، پنجاب ۾ 16 هز??ر 875، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هز??ر 857، اسلام آباد ۾ 5 هز??ر 766، بلوچستان ۾ 771، گلگت بلتستان ۾ 392، آزاد ڪشمير ۾ 760 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 55 هز??ر 242 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ??و به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 211 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 17 هز??ر 117 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان ??تاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 85 هز??ر 435 آهي.