اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جيڪڏهن ڪا وزارت پاڪستان جي تقدير بدلائي سگهي ٿي ته اها سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هو وزيراعظم جو ٿورائتو آهي جنهن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزا??ت ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو فر??هم ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته مستقبل ۾ ??نف??رميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وا??ت ۾ ضم ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان پاڪستان کي علم جي معيشت جي هڪ مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته آئون پنهنجي ٽيم جو به ٿورائتو آهيان جنهن بهترين طريقي سان ڪم ڪيو.