ڪوئيٽا – 03 آگ??ٽ (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي حوالي سان گوادر کي خصوصي اهميت حاصل آهي، جاگرافيائي جي حوالي سا?? بلوچستان سينٽرل ايشيا تائين پهچ جو بهترين ذريعو آهي جنهن سان ??چ ايشيائي ملڪن سان ??عاشي ۽ واپاري موقعا وڌائڻ جا روشن امڪان آهن. صدر چيو ته سي پيڪ جي ڏس ۾ اسان کي نئين نسل کي جديد هنر سيکارڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ پارليامينٽرينز سان ڳالهائيندي ڪيو. ان ??وقعي تي بلوچستان جو گورنر سيد ظهور احمد آغا ۽ وڏو وزير ڄام ڪمال خان ??ڻ موجود هئا. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب ملاقات دوران صوبي جي مجموعي امن امان جي صورتحال، جاري ترقياتي منصوبن، سرحدي واپار، بارڊر مارڪيٽون قائم ڪرڻ، لينڊ ڊيجيٽلائيزيشن مئنيجمينٽ، نئين ليبر قانونن، صوبي ۾ سياحت جي فروغ ۽ خطي ۾ رونما ٿيندڙ معاشي ۽ سياسي تبديلين تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پارليامينٽرينز سان ڳالهائيندي ص??ر چيو ته بلوچستان ۾ زراعت، ماهيگيري ۽ لائيو اسٽاڪ جي ترقي جا ڀرپور موقعا موجود آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان صحيح رخ ۾ قدم کڻون ۽ دستياب وسيلن جي محتاط استعمال کي يقيني بڻايو وڃي.