اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزي?? فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان هن وقت پا??ستان ۾ واحد اڳواڻ آهي جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي قدمن، پا??ي جي ذخيرن ۽ سستي پن بجلي ٺاهڻ جي منصوبن تي ڪاربند آهي. تاريخ گواهه آهي ته 1967ع کانپوءِ پا??ستان ۾ وڏا ڊيم نه ٺهي سگهيا، تربيلا جو پنجون توسيع منصوبو 807 بلين ڊالر جي لاڳت سان 2024ع ۾ مڪمل ٿيندو ان منصوبي جي ڪري تربيلا ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 4 هزار 888 ميگاواٽ کان وڌي 6 هزار 418 ميگاواٽ ٿي ويندي. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزي?? فرخ حبيب چيو ته ماضي ۾ پا??ي جي ذخيرن تي ا??ڙي طرح جو ڪم ناهي ٿيو، وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ پا??ي ذخيرن جي منصوبن ۾ گِهري دلچسپي وٺي رهيو آهي. هن چيو ته ديامرڀاشا ??يم?? داسو هائيڊرو پاور، مهمند ??يم?? هريپور پاور پراجيڪٽ، ڪڇي ڪينال، سنڌ بئراج، ڪي فور واٽر سپلائي پروجيڪٽ، ڪُرم تنگي ڊيم ۽ نئين گاج ڊيم پراجيڪٽ تي ڪم تيزي سان جاري آهي، آبي ذخيرن جا اهي 10 منصوبا مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 28 لک 90 ايڪڙ فوٽ پا??ي ذخيرو ٿيندو هن چيو ته انهن منصوبن مان سستي پن بجلي جي پيداوار ۾ 9043 ميگاواٽ اضافو، 35 هزار کان وڌيڪ ملازمتن جا موقعا ميسر ايندا. مملڪتي وزي?? فرخ حبيب چيو ته عمران خان لاءِ سڀني وفاقي اڪاين جا آبادگار برابر آهن، هو سڀني جي هڪجهڙي ترقي جو خواهشمند آهي.