اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حڪومتي سڌارن جي حوالي سان اجلاس ۾ آزاد ڪشمير حڪومت طرفان اقتصادي ترقي ۽ روزگار جي ??راهمي، غذائي تحفظ، سروس ڊليوري جي بهتري، اداره جاتي سڌارن ۽ قانون جي بالادستي لاءِ لائحه عمل جوڙيو ويو. اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جو وزيراعظم عبدالقيوم نيازي، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، آزاد ڪشمير جو چيف سيڪريٽري قادر خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر شريڪ ٿيا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آزاد ڪشمير ۾ وڏي پئماني تي سڌارن لاءِ لائحه عمل تيار آهي جيڪو ٻن مرحلن ۾ لاڳو ڪيو ويندو، پهرين مرحلي ۾ 6 مهينن جي ??دي ۾ شهرن جي صفائي سٿرائي جي ??ظا?? جي بحالي، ندي نالن جي صفائي ۽ انهن تي قبضن جو خاتمو شامل آهي. وڌيڪ تعليم ۽ صحت جي شعبن ۾ سڌارن، بنيادي ڍانچي جي بحالي ۽ مرمت، بجلي ۽ صاف پاڻي جي ??وجود نظا?? جي بحالي شامل آهن. ڄاڻايل لائحه عمل جي ??فتيوار منصبوبابندي ڪري عملدرآمد کي مقرر ڪيل مدي ۾ يقيني بڻايو ويندو. ٻي مرحلي ۾ ڊگهي مدي وارا سڌارا شامل آهن. اقتصادي ترقي ۽ روزگار جي ??راهمي لاءِ صنعتي ترقي، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ سياحت جي ??روغ لاءِ قدم کنيا ويندا. اجلاس کي وڌيڪ آگاهه ڪيو ويو ته غذائي تحفظ لاءِ لائيو اسٽاڪ، فلوري ڪلچر، هارٽي ڪلچر ۽ ڪچن گارڊننگ کي فروغ ڏنو ويندو. ان کانسواءِ اڻ مڪمل منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ، جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي صحت ۽ تعلي?? جي شعبن جي ??انيٽرنگ، بجلي جي ??وجوده نظام ۾ بهتري، ٽيڪس جي ??ظا?? جي سڌارن ۽ قانون جي بالادستي لاءِ قدم به لائحه عمل جو حصو آهن. وزيراعظم عمران خان قانون جي بالادستي جي اهيمت تي زور ڏيندي چيو ته فلاحي رياستن ۾ امير ۽ غريب لاءِ قانون هڪجهڙو هوندو آهي، وڌيڪ چيو ته سياحت جي ??روغ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي جوڙي ان تي جلد عملدرآمد يقيني بنايو پيو وڃي.