اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن چاهي ٿو، افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي گهري نظر آهي، وزيراعظم عمران خان جي افغانستان ۾ گڏيل حڪومت جي تجويز مڃي وڃي ها ته اڄ افغانستان ۾ صورتحال مختلف هجي ها، نريندر مو??ي جي حڪومت ۾ ڀارتي عوام ڪارو ڏينهن ئي ملهائي سگهي ٿي، ڪووڊ دوران ڀارت ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جي ذميداري نريندر مو??ي تي لاڳو ٿئي ٿي، قيام پاڪستان ??ان وٺي هن وقت تائين جو سفر وڏين قربانين ۽ جدوجهد تي ٻڌل آهي، قوم يقين رکي عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ترقي جي طرف گامزن آهي، پاڪستان جو ??ستقبل مستحڪم، آزاد ۽ ترقي يافته قوم جو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي آزادي ڪپ 2021ع جي انعام ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ڪراچي ??ان خيبر تائين سڄي ملڪ ۾ آزا??ي جو ڏهاڙو ڀرپور طريقي سان ملهايو پيو وڃي، اڄ جو ??يچ آزا??ي جي خوشين ۾ اضافي جو باعث بڻيو، اهي ميچز اسان جي آزا??ي جو ثمر آهن، پوري قوم کي آزادي جو ??بارڪون پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته قيام پاڪستان ??ان وٺي هن وقت تائين جو سفر وڏين قربانين ۽ جدوجهد تي ٻڌل آهي، اسان لاچاري جي حالتن ۾ پنهنجي سفر جو آغاز ڪيو پر اڄ اسان وٽ بهترين گرائونڊز، سٺا رانديگر ۽ بهترين يونيورسٽيون مو??ود آهن. وفاقي وزير چيو ته اسان وٽ صرف هڪ هيوي انڊسٽري جو ??ڪ ڪارخانو هو، اڄ پاڪستان جيٽ جهاز تيار ڪندڙ 9 ملڪن ۾ شامل آهن، اڄ اسان گاڏيون پاڻ تيار ڪري رهيا آهيون، اسان دنيا جي پنجين وڏي قوم آهيون، اسان جو شمار دنيا جي 7 ايٽمي طاقتن ۾ ٿيندو آهي، هن چيو ته اهي ڪاميابيون اسان کي آزا??ي جي نعمت جي ڪري مليون، ڪجهه ماڻهن کي مايوسي پکيڙڻ جي عادت هوندي آهي، هن چيو ته جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته اسان کي فيصلن ۾ آزادي حاصل ناهي، ته اهي هندستان ۽ پاڪستان جي مسلمانن جي حالتن جو ??شاهدو ڪري وٺن، فرق پاڻ ئي سامهون اچي ويندو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي آزادي جو ??در ڪندي الله جو ??ورو ادا ڪرڻ گهرجي، اسان کي پنهنجي وطن تي شهيد ٿيندڙن جي قربانين کي ياد رکڻ گهرجي، جن جي قربانين جي ڪري اڄ اسان ڪرڪيٽ ميچ کيڏي رهيا آهيون ۽ امن سان زندگي گذاري رهيا آهيون. چوڌري فواد حسين چيو ته پنهنجي خوشين ۾ انهن شهيدن ۽ انهن ماڻهن کي ياد رکڻ گهرجي جنهن پنهنجي زندگي ۾ مصيبتون ۽ ڏک ڏٺا، اڄ انهن جي قربانين جي ڪري اسان آزا??ي جهڙي نعمت مان لطف وٺي رهيا آهيون، وفاقي وزير چيو ته قوم يقين رکي ته عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ترقي طرف گامزن آهي، پاڪستان جو ??ستقبل مستحڪم، آزاد ۽ ترقي يافته قوم جو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان ۾ بدلجندڙ صورتحال جو غور سان جائزو وٺي رهيا آهيون، عمران خان جي افغانستان ۾ گڏيل حڪومت جي تجويز مڃي وڃي ها ته اڄ افغانستان ۾ صورتحال مختلف هجي ها. هن چيو ته اسان افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته ڪابل ۾ سموريون ڌريون هڪ آئين ۽ قانون تي متفق ٿي وڃن ته جئين افغانستان ۾ امن اچي سگهي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نريندر مو??ي جي حڪومت ۾ ڀارتي عوام ڪارو ڏينهن ئي ملهائي سگهي ٿي. ڪووڊ – 19 دوران ڀارت ۾ ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان جي ذميداري نريندر مو??ي تي لاڳو ٿئي ٿي. هن چيو ته ان وقت جڏهن دنيا ڪوورنا کي شڪست ڏيڻ جي ويجهو هئي، نريندر مو??ي جي غلط پاليسين جي ڪري ڊيلٽا وائرس پوري دنيا ۾ پکڙيو، اسان کي ڀارت جي عوام سان همدردي آهي.