اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته 27.32 ارب جي ل??ڳت سان 69 ڪلوميٽر موٽروي جي مڪمل ٿيڻ سان لاهور کان کاريان سفر ۾ هڪ ڪلاڪ جي گهٽتائي ايندي، 5 انٽرچينج، 5 فلائي اوورز، 21 ڪلوميٽر سروس روڊ ۽ ڪيترائي هزار نوڪريون پيدا ٿينديون، مواصلات واري وزير مراد سعيد پنهنجي وزارت جي ??هترين 3 سالا ڪارڪردگي جو (ن) ليگ جي ??ڪومت سان تقابلي جائزو پيش ڪيو آهي، مسل?? ليگ (ن) جي ??ڪومت جي ??ور جي پهرين ٽن سالن (16 ?? 2013ع) دوران 645 ڪلوميٽر رستا تعمير ٿيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ جي ٽي سالا دور (2018 – 2021ع) ۾ 1753 ڪلوميٽر رستا تعمير ٿيا، پي ٽي آءِ جي ٽن سالن ۾ 161.264 ارب جو روينيو حاصل ڪيو ويو. ان جي مقابلي ۾ (ن) ليگ ٽن سالن ۾ 73.54 جو روينيو گڏ ڪري سگهي. پي ٽي آءِ انهن ٽن سالن ۾ 119.27 سيڪڙو اضافي روينيو گڏ ڪيو جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. مسل?? ليگ (ن) جي ??ڪومت جي ??ور جي پهرين ٽن سالن ۾ 858 ڪلوميٽر جي ??وڊ جا منصوبا ٺهيا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي پهرين ٽن سالن ۾ 6118 ڪلوميٽر جا منصوبا ٺهيا (12 منصوبن تي ڪم شروع آهي جڏهن ته 19 منصوبن تي هلندڙ مالي سال ۾ ڪم شروع ٿي ويندو). ٽن سالن ۾ 5 ارب رپين کان وڌيڪ ل??ڳت جي ??مين تان قبضا ڇڏرايا ويا، (ن) ليگ جي ??ور ۾ ان تي ڪم نه ڪيو ويو. احتساب ۽ آڊٽ ريڪوري ۾ ٽن سالن دوران 16 ارب رپين کان وڌيڪ وصول ڪيا ويا، (ن) ليگ دور ۾ ان تي ڪم نه ڪيو ويو.