اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي پهچ وڌائڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن پوري ملڪ ۽ خاص طور تي پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن ۾ احتياط ۽ علاج جي خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته ملڪ جي صحت ??ي شعبي کي طبي پيشيوار ماڻهن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي کو?? جي ڪري مختلف چئلينجز درپيش آهن، اميد آهي ته صحتمند جوان پروگرام ڪميونٽي جي سطح تي خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن کي صحت ??ون خدمتون فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وزيراعظم جي ڪامياب جوان پروگرام تحت ??حتمند جوان پروجيڪ?? جي حوالي سان بريفنگ اجلاس دوران ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معامن محمد عثمان ڊار، گڏيل قومن جي پاپوليشن فن?? جي نمائندي ڊاڪٽر بختيار قادروف، پاپوليشن فن?? جي نمائندن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊاڪٽر بختيار قادروف صحتمند جوان پروگرام بابت آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان منصوبي جو مقصد نوجوانن جي شموليت جي ذر??عي ماڻهن جي صحت ۽ ڀلائي کي فروغ ڏيڻ آهي. هن ٻڌايو ته صحتمند جوان پروگرام جا مقصد هيلٿ ڪوريج کي وڌائڻ ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سيالڪوٽ کي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي شموليت ۽ ڪميونٽي خدمتن تي ٻڌل سمارٽ نيٽ ورڪ جي ذر??عي صحت ??ي ڪوريج کي وڌائڻ جي هڪ پائليٽ پراجيڪ?? جي لاءِ چونڊيو ويو آهي. صدر صحتمند جوان پراجيڪٽ ۾ تعاون وڌائڻ تي گڏيل قومن جي پاپوليشن فن?? کي ساراهيو.