اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان افغانستان جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي پاڪستان پاران 5 ارب رپين جي امدادي پئڪيج، افغانستان مان پاڪستان جي لاءِ اهم درآمدات تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي سرحدن تان داخل ٿيندڙ سمورن افغانين جي مفت ڪوويڊ 19 ويڪسي نيشن جاري رهندي، پشاور کان جلال آباد بس سروس بحال ڪئي وڃي، دنيا افغانستان جي هنگامي صورتحال جو نوٽيس وٺي انساني همدردي جي بنياد تي هر ممڪن مدد ڪري. ??هڙ?? خيالن جو اظهار هن افغانستان جي لاءِ خاص طور تي قائم بين الوزارتي رابطا سيل جي دوري ۽ افغانستان جي لاءِ قائم ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪي??. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، قو مي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ايپڪس ڪميٽي کي ??فغانستان جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ انساني همدردي ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغانستان جي لاءِ 5 ارب رپين جي امدادي پئڪيج جي منظوري ڏني وئي. امدادي شين ۾ 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ، دوائون ۽ ميڊيڪل سامان ۽ سردين جي لاءِ سامان شامل آهي. ان کانسواءِ افغانستان مان پاڪستان اهم درآمدات تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي جي اصولي منظوري پڻ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سرحدن تان داخل ٿيندڙ سمورن افغانين جي لاءِ مفت ڪوويڊ 19 ويڪسي نيشن جاري رهندي. انساني همدردي جي بنياد تي وزيراعظم افغانستان جي لاءِ ڀارت پاران 50 هزار ميٽرڪ ٽن امدادي ڪڻڪ جيڪا پاڪستان مان گذري وڃڻي آهي، جي لنگهه جي اجازت ڏني. وزيراعظم ??دايت ڪئي ته علاج جي لاءِ ڀارت ۾ ڦاٿل افغانين جي پاڪستان جي رستي وطن واپسي ۾ مدد ڪئي وڃي. اجلاس ۾ افغانين رهواسين جي سهولت لاءِ پاڪستاني ويزا حاصل ڪرڻ کي ??سان بڻائڻ ۽ وڌ کان وڌ ٽن هفتن جي اندر جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪي?? ويو. وزيراعظم افغانستان جي امداد جي لاءِ قدمن ۽ بارڊر مئنيجمينٽ کي ??اراهيو ۽ اطمينان جو اظهار ڪي??. وزيراعظم ??دايت ڪئي ته افغان رهواسين جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي ۽ پشاور کان جلال آباد بس سروس بحال ڪئي وڃي، سرحدن تي مقرر اهلڪارن جي صلاحيت وڌائي وڃي ۽ سرحدن جي صوابديدي بندش نه ڪئي وڃي. ايپڪس ڪميٽي افغانستان ۾ هنگامي صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪي?? ۽ ان عزم جو اظهار ڪي?? ته پاڪستان حڪومت افغان رهواسين جي مدد جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي. وزيراعظم چيو ته افغان بهادر ترين قوم آهي، جن مشڪل حالتن کي منهن ڏنو آهي، سالن جي تڪرارن کانپوءِ عالمي برادري تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اها افغان عوام جي مدد ڪري ته جيئن اهي امن ۽ استحڪام جي ماحول ۾ رهي سگهن. هن چيو ته دنيا افغانستان جي هنگامي صورتحال جو نوٽيس وٺي ۽ انساني همدردي جي بنياد تي هر ممڪن مدد جي لاءِ قدم کڻي. وزيراعظم ??ومي سلامتي واري صلاحڪار کي هدايت ڪئي ته هو افغانستان جو دورو ڪري ۽ وفدن جي سطح تي پڻ افغان عمدارن سان امداد جي حوالي سان ڳالهيون ڪي??ن وڃن.