اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته ڪا به حڪومت اڪيلي سر ڪورونا جهڙي وڏي چئلينج جو مقابلو نه ٿي ڪري سگهي، سرندي وارن جي عطين ۽ فلاحي تنظيمن جي ڀرپور معاونت سان حڪومت سڄ?? ملڪ جي سمورن طبقن تائين پهچڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پناهگاهن بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان پڻ موجود هئا. وفد ڪورونا وائرس جي موجوده ص??رت??ال ۾ وفاقي حڪومت خاص طور تي وزيراعظم ??مران خان پاران ڪمزور طبقي کي رليف ڏيڻ جي ڪوششن کي ساراهيو، وفد موجوده ص??رت??ال جي ڏس ۾ تعميرات ۽ ٻين مختلف صنعتي سرگرمين جي اجازت ڏيڻ جي حڪومتي فيصلي کي ساراهيندي چيو ته ان سان ڪاروباري طبقي جي مشڪلاتن ۾ گهٽتائي ايندي.