اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي سينيئر وزير عبدالعليم خان هتي ملاقات ڪئي ۽ پنجاب ۾ اٽي ۽ ڪڻڪ جي صور??حا?? تي کيس تفصيلي بريفنگ ??ني. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي ??وجب ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته ڪٿي به اٽي ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي يا کوٽ نه ٿيڻ گهرجي. پنجاب جي خوراڪ واري وزير عبدالعليم خان وزيراعظم پاران پنجاب حڪومت جي تجويزن سان اتفاق تي ان جا ٿورا مڃيندي چيو ته هڪ لک ٽن ڪڻڪ جي درآمد سان اٽي جي صور??حا?? ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.