جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ٻوڏ کان متاثر لکي?? پاڪستانين ۽ متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ل??ءِ پاڪستان کي عالمي برادري، دوست ملڪن، گهڻ رخي ۽ ٻطرفي حصيدارن کي معاونت جي ضرورت آهي، پاڪستان پنهنجي عالمي ادائيگين ۽ ذميوارين ۾ پرعزم آهي، پاڪستان مختلف شعبن ۾ سڌارا متعارف ڪرائي رهيو آهي، بدترين ٻوڏ پاڪستان جي ضرورتن کي وڌائي ڇڏيو آهي جڏهن ته اسان وٽ مالي گنجائش گهٽ آهي، پاڪستان کي مختصر ۽ وچولي مدي جي ل??ءِ مالي معاونت ۽ گنجائش گهربل آ??ي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناڻي واري وفاقي وزير سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان جي پهرين پلينري سيشن جي گڏيل صدارت ڪندي ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ماحولياتي ۽ موسمياتي ??ثرن، روس – يوڪرين جنگ، عالمي ٻاڙائي ۽ غربت جهڙن مسئلن کي اڳ ۾ ئي منهن ڏئي رهيو هو، انهن حالتن جي ڏس ۾ ملڪ کي تاريخ جي بدترين ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، گذريل 30 سالن ۾ پهريون ڀيرو گذريل چوماسي ۾ ڇهوڻ کان وڌيڪ برساتون ٿيون جنهن سان سڄي ملڪ خاص طور تي ??نڌ ۽ بلوچستان ۾ شديد تباهي ۽ نقصان ٿيو، ٻوڏ سان مجموعي طور تي 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا، 1700 ماڻهو فوت ٿيا، 13 هزار زخمي ٿيا، 30 هزار ڪلوميٽر رستا تباهه ٿيا، 440 پليون تباهه ٿيون، 500 ملين ايڪڙ تي ??يٺل فصل تباهه ٿي ويا، 2 ملين جي لڳ ڀڳ گهر عارضي يا جزوي طور تي متاثر ٿيا جڏهن ته 10 لک چوپايو مال مري ويو يا گم ٿي ويو. ناڻي واري وزير چيو ته ٻوڏ کانپوءِ مهينن تائي?? پاڻي بيٺل رهيو جنهن سان فصل وقت سر پوکجي نه سگهيا ۽ اسان جي زراعت متاثر ٿي، بيٺل پاڻي جي ڪري اسڪول ۽ اسپتال بند رهيا، مقامي طور تي ??ه رابطو مشڪل رهيو، عارضي پناهگاهن ۾ ماڻهن کي ترسايو ويو جڏهن ته اسپتالن جو ڪم به عارضي طور تي هلائڻو پيو، ٻوڏ سان 22 هزار اسڪول بند ٿيا جنهن سان لکين ٻارن جي تعليم متاثر ٿي. اسحاق ڊار چيو ته ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي امداد ۽ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ل??ءِ اسان کي ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڪستان حڪومت متاثر ماڻهن ۽ علائقن جي امداد ۽ بحالي کي اولين ترجيح ڏني، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت فوري طور تي 70 ارب رپين جي هنگامي ڪيش مدد فراهم ڪئي وئي، 8.17 ملين متاثرين کي روڪ امداد ڏني وئي، 2.7 ملين خاندانن کي ڪيش ريليف ۽ ٻي ضروري امداد ڏني وئي آهي ۽ ڏني پئي وڃي. ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ جا ٿورا مڃيندي چيو ته عالمي بئنڪ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي سلسلي ۾ 1.6 ارب ڊالر جي مدد جو اعلان ڪيو جڏهن ته 500 ملين ڊالر جي مدد ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان جي ل??ءِ فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو. ناڻي واري وزير چيو ته پي ڊي ايم اي عالمي ادارن جي تعاون سان جيڪو ڪاٿو لڳايو آهي ان موجب ٻوڏ سان 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي جڏهن ته نئين سر تعيمر ۽ بحالي جي ل??ءِ پاڪستان کي 16.3 ارب ڊالر جي ضرورت آهي، پاڪستان ٻطرفي ۽ گهڻ رخي حصيدارين جي ذريعي ايندڙ ٽن سالن جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي، ان مان اڌ وسيلا پاڪستان پنهنجي مالياتي نظام جي ذريعي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، ايندڙ ٽن سالن ۾ اسان کي 8 ارب ڊالر ساليانو جي ضرورت پوندي، دوست ملڪ گهڻ رخي ۽ ٻطرفي حصيدارن جي حمايت سان نه رڳو نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪوششن کي فائدو ٿيندو پر پاڪستان جي ل??ءِ ايتري مالي گنجائش به نڪري ايندي جنهن سا?? پاڪستان پنهنجي ٻاهرئين ادائيگين ۽ ٻين عالمي ذميوارين کي بهتر طريقي سان پورو ڪرڻ جي قابل ٿيندو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ماحولياتي ۽ موسمياتي ??بديلين جي نتيجي ۾ پاڪستان تي ??راب اثر پيا آهن، ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر گذريل ٻوڏ وانگر ماحولياتي ??بديلين کان متاثر ملڪن ۾ پاڪستان سرفهرست آهي، ان صورتحال ۽ توانائي کاڌي پيتي ??ي شين جي عالمي قيمتن ۾ اضافي جي ڏس ۾ سماجي استحڪام پاڪستان جي ل??ءِ هڪ ڳڻتي ??کندڙ آهي. ناڻي واري وزير واضح ڪيو ته پاڪستان پنهنجي عالمي ادائيگين ۽ ذميوارين ۾ پرعزم آهي، پاڪستان مختلف شعبن ۾ سڌارا متعارف ڪرائي رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ اوڳاڙين ۾ اضافي ۽ سماجي شعبي تي ??رچن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته تازي بدترين ٻوڏ پاڪستان جي ضرورتن کي وڌائي ڇڏيو آهي جڏهن ته اسان وٽ مالي گنجائش گهٽ آهي، ان صورتحال جي ڏس ۾ پاڪستان کي عالمي مدد جي ضرورت آهي، اسان کي مختصر ۽ وچولي مدي جي ل??ءِ مالي معاونت ۽ گنجائش گهربل آ??ي، اسان کي اميد آهي ته عالمي برادري، دوست ملڪ ۽ ٻطرفا ۽ گهڻ رخا حصيدار ان مشڪل مرحلي ۾ اسان جو ساٿ ڏيندا. ناڻي واري وزير چيو ته ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي بحالي ۽ امداد اسان جي فوري ضرورت آهي جڏهن ته اسان کي انهن 33 ملين متاثر ماڻهن کي به نظر ۾ رکڻو آهي، ان صورتحال ۾ ڊيٽ سواپ ۽ ٻين مالياتي قدمن جي ذريعي لکين ٻوڏ متاثرين جي امداد جي نيڪ مقصد کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ماحولياتي ??بديلين سان ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ عالمي برادري سان گڏ بيٺل آ??ي، اسان کي بحرانن جي ڏينهن ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ گهرجي. ناڻي واري وزير عالمي برادري جي حمايت تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته ريزيليئنٽ ريڪوري اسٽريٽجڪ ۾ ٻطرفن حصيدارن، دوست ملڪن، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جي تنظيمن جي حمايت تي پڻ پاڪستان انهن سڀني جو ٿورائتو آهي. منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پلينري سيشن کي خطاب ڪندي شرڪت ڪندڙن کي تازي بدترين ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن تي ??فصيلي بريفنگ ڏني ۽ چيو ته 2022ع ۾ پاڪستان ۾ هڪ بدترين ٻوڏ آئي جنهن سان 33 ملين ماڻهن کي نقصان پهتو. هن چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ جي 20 پٺتي پيل ضلعن کي نقصان پهتو، ان سان گڏ پنجاب، خيبرپختونخواهه جي ڪجهه ضلعن کي به نقصان ٿيو. هن چيو ته بنيادي ڍانچي جي بحالي ل??ءِ پاڪستان حڪومت کي 16 ارب ڊالر جي هنگامي بنيادن تي ??رورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي اولين ترجيح ماڻهن جي روزاني جي ضرورتن کي ٻيهر شروع ڪرڻ آهي، ٻارن ۽ عورتن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ ٻوڏ متاثرين کي امداد پهچائي پئي وڃي. ان کان اڳ گڏيل قومن جي ترقياتي ??داري يو اين ڊي پي جي ايڊمنسٽريٽر ايڪم اسٽينر پنهنجي خطاب چيو ته ڪورونا کانپوءِ ٻوڏ سا?? پاڪستان کي معاشي طور تي ڌچڪو لڳو جنهن سان لکين زندگيون متاثر ٿيون. هن ڪانفرنس ۾ شريڪ سمورن شرڪت ڪندڙن کي چيو ته هو هر لحاظ کا?? پاڪستان کي مدد فراهم ڪن، اسان هن وقت مختلف دور ۾ زندهه آهيون. هن چيو ته ڪجهه مهينا اڳ پاڪستان کي تاريخ جي بدترين ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، پاڪستان موسمياتي ??بديلي جي لپيٽ ۾ ايندڙ 8 ملڪن ۾ شامل آ??ي.