اسلام آباد – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پشاور حملي کانپوءِ قوم ڏک ۾ ٻڏل آهي، اهو حملو ??اڪ??تان تي حملي کان گهٽ نه آهي، دهشتگر??ي اسان جي قومي سلامتي جي لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، ??اڪ??تاني قوم جي عزم کي اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سان ڪمزور نٿو ڪري سگهجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هينئر پشاور کان واپس آيو آهيان، انساني الميي جو ڪاٿو ناقابل تصور آهي، اهو ??اڪ??تان تي حملي کان گهٽ نه آهي، قوم ڏک جي احساس ۾ ٻڏل آهي. هن چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته دهشتگر??ي اسان جي قومي سلامتي جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته ڏکويل خاندانن جي درد کي لفظن ۾ ٻڌائي نٿو سگهجي پر آئ??ن دلي تعزيت ۽ انتهائي اخلاص سان ان??ن سان همدردي جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته اڄ جي ان ڪڌي واقعي جي ذميوارن جي لاءِ منهنجو پيغام آهي ته توهان ??اڪ??تان جي عوام جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهو.