ڪراچي – 16 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسڪولن کان ٻاهر 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ ۽ انهن کي زندگي ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي ته پاڪستان جي اٽڪل 10 سيڪڙو آبادي کي انهن جي بنيادي حق کان محروم رکيو ويو آهي جيڪو قوم جو تمام وڏو نقصان آهي، ملڪ جي نوجوانن ۽ اشرافيه وٽ معاشري جي ان نظرانداز طبقي جي مدد ۽ ترقي جي لاءِ وسيلا ۽ صلاحيت موجود آهي، اها تعليم يافته نوجوانن ۽ اشرافيه جي ذميواري آهي ته اهي انهن پٺتي پيل ٻارن کي مفيد ۽ ذميوار شهري بڻائڻ جي لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ اقراءَ يونيورسٽي جي 20 هين ڪانووڪيشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي حسين لاکاڻي گروپ جو چيئرمين نويد لاکاڻي، اقراءَ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ارم اسد، اڳوڻ?? شاگرد، استاد ۽ پڙهائي پُوري ڪري نڪرندڙ شاگردن جا والدين پڻ موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي صدر صحت ۽ تعليم کي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جو بنياد قرار ڏنو ۽ پاڪستاني يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي پنه??جي شاگردن کي روزگار جي قابل هنر سان ليس ڪن، انهن جي تجزياتي ۽ تنقيدي سوچ جي صلاحيتن ??ي فروغ ڏين ته جيئن اهي پنه??جي ذاتي ۽ پيشيواراڻي زندگي ۾ ڪامياب ٿي سگهن. صدر شاگردن تي زور ڏنو ته اهي پنه??جي تعليمي ۽ پيشيواراڻي زندگي دوران قائداعظم جي ٻڌايل اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جي اصولن تي هلن. هن چيو ??ه شاگردن کي زندگي ۾ ڪامياب ٿيڻ جي لاءِ معاشري ۾ ساٿي انسانن سان پنه??جي معاملن کي بهتر بڻائڻ ۽ حقوق العباد جي ادائيگي تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ پنه??جي ڪميونيڪشن جي موثر صلاحيتن کي پڻ اڀارڻ گهرجي. هن شاگردن تي زور ڏنو ته اهي سڄي زندگي سکڻ وارا بڻجن ۽ تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا سان هم آهنگ رهڻ جي لاءِ پنه??جي علم ۽ هنر کي اپ ڊيٽ ڪندا رهن. هن چيو ته پاڪستان کي پنه??جي نوجوانن مان وڏيون اميدون آهن ۽ انهن کي پنه??جي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر وڌيڪ چيو ته نوجوانن کي جديد ترين ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ ۽ جدت، تحقيق ۽ ترقي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ته جيئن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ ٿيندڙ نمايان تبديلين کان پاڻ کي ۽ پنه??جي ملڪ کي روشناس ڪرائي سگهجي. صدر ملڪ کي ترقي جي تيز رفتار راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۽ جديد تعليم کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. هن فارغ ٿيندڙ شاگردن کي نصيحت ڪئي ته اهي نظم ۽ ضبط ۽ اعليٰ اخلاقي قدرن ??ي فروغ ڏين. صدر چيو ته ڪاليجن ۾ اٽڪل 60 سيڪڙو کان 80 سيڪڙو نوجوان ذهني دٻاءُ جو شڪار آهن، نوجوان متوازن زندگي گذارڻ ۽ پنه??جي جسماني ۽ ذهني صحت ۽ تندرستي جو خيال رکن. هن يونيورسٽي جي شاگردن، فيڪلٽي ۽ اڳوڻي شاگردن تي زور ڏنو ته اهي پيشيواراڻي مهارت حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ پنه??جي سماجي، مذهبي ۽ اخلاقي ذميواريون پڻ پوريون ڪن. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي بهترين تعليمي ڪارڪردگي تي شاگردن ۾ گولڊ ميڊل پڻ ورهايا. ڪانووڪيشن جي تقريب ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 800 کان وڌيڪ شاگردن کي ڊگريون ۽ ميڊلز ڏنا ويا.