بيجنگ-03 مارچ (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزارت يوڪرين بحران ??ي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي يوڪرين بحران جي سياسي حل تي ”چين جو موقف“ جي عنوان سان هڪ جامع دست??وي?? جاري ڪيو آهي. ان حوالي سان ??ڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان ??يجارڪ جو چوڻ هو ته چيني حڪومت طرفان تجويز ڪيل پروگرام هڪ اهم خدمت آهي، جنهن ۾ ايٽمي هٿيارن جي استعمال يا استعمال جي ڌمڪي جي مخالفت جي تجويز خاص طور تي اهم آهي. ان ??انسواءِ ڪيترن ئي يورپي ملڪن جي سياسي ماهرن تازو ئي ان دست??وي?? تي مثبت تبصرا ڪيا آهن. سربيا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير ايوان مرڪ چيو ته چين هن وقت هڪ انتهائي اهم دست??وي?? جاري ڪيو جنهن ۾ جنگ بندي ۽ جنگ جي خاتمي ۽ امن ڳالهين جي آغاز جو مطالبو ڪيو ويو، هي يوڪرين جي بحران جي سياسي حل جو رستو بڻائي ٿو ۽ مسئلي جي پرامن حل جي ڳولا ۾ سمورين ڌرين لاءِ هڪ منصوبو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته منهنجي راءِ ۾ اهو قدم هڪ وڏي ملڪ جي حيثيت سان ??ين جي ذميواري کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪو عالمي سطح تي ان جي سياسي اثر رسوخ سان هڪجهڙائي رکي ٿو، جرمني جي هيسن رياست جي يورپي ۽ عالمي معاملن جي کا??ي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ۽ چائنا انٽرنيشنل انويسٽمينٽ پروموشن سينٽر(جرمني) جي سينئر ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر مائيڪل بورچمين جو خيال آهي ته چين جو موقف دست??وي?? يوڪرين بحران جي خاتمي لاءِ واضح تجويزون پيش ڪري ٿو، هن چيو ته اسان يورپ ۾ نئين ورهاست نٿا چاهيون، اسان ??و نئون تڪرار نٿا چاهيون، اسان امن کي يقيني بڻائڻ چاهيون ٿا، شنگهائي ۾ پولينڊ جي اڳوڻي قونصل جنرل شافش چيو ته اثر رسوخ جي دائرن لاءِ تيز چٽاڀيٽي پوري دنيا ۾ خاص طور تي ايشيا پيسفڪ، وچ ۽ اوڀر يورپ ۽ ٻين خطن ۾ آمريڪا جي وڌندڙ مهم جوئي جو سبب بڻجي آهي، آمريڪا يوڪرين بحران جي ذريعي روس کي ڀڙڪايو ۽ آبنائي تائيوان جي صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري چين کي ڀڙڪائيندو رهيو آهي، آمريڪا پهنجي وڃايل حيثيت کي ٻيهر حاصل ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.