??سل??م آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وات جُون 95 سيڪڙو بيماريون روڪي سگهجن ٿيون، ??سل??م ۾ پاڪائي يا صفائي کي اڌ ايمان قرا?? ڏنو ويو آهي، بنا رقم خرچ ڪرڻ جي رڳو ڏندن جي صفائي سان ملڪ مان وات جي بيمارين جو خاتمو ممڪن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وات جي صحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته 20 مارچ تي ڏندن ۽ وات جي بيمارين کي روڪڻ تي ڌيان ڏنو وڃي. حضور ﷺ وات ۽ ڏندن جي صفائي جو ڪثرت سان اهتمام ڪندا هئا. ??سل??م ۾ پاڪائي يا صفائي کي اڌ ايمان قرا?? ڏنو ويو آهي. صحيح بخاري ۾ اٽڪل 21 حديثن ۾ وات جي صفائي ۽ مسواڪ جو ذڪر آهي. ڊاڪٽر عارف علوي ماڻهن تي زو?? ڏنو ته اهي ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا مسواڪ يا برش سان ڏندن کي چڱي طرح صاف ڪن، ان سان بيمارين کي روڪڻ سان گڏوگڏ ص??ت به بهتر رهندي. صدر چيو ته وات جي بيمارين جو علاج م??ڪل ۽ مهانگو هوندو آهي. بنا رقم خرچ ڪرڻ جي رڳو ڏندن جي صفائي سان ملڪ مان وات جي بيمارين جو خاتمو ممڪن آهي. هن چيو ته سوپاري وات جي ڪينسر جو سبب آهي، ان لاءِ ماڻهو ان کان پرهيز ڪن.