اسلام آباد – 22 – مارچ (اي ??ي ??ي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ ٿرپارڪر سنڌ جي هڪ ڏينهن جي دوري دوران تاريخي منصوبن جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ٿرپارڪر ۾ 1320 ميگاواٽ شنگهائي اليڪٽرڪ ۽ 330 ميگاواٽ ٿل نووا پاورت پلانٽ منصوبن جو افتتاح ڪندو. ٿر جي ڪوئلي سان هلندڙ انهن ??نصوبن سان ساليانو 11.24 ارب رپيا گهٽ لاڳت بجلي جا يونٽ پيدا ٿيندا. 3.53 ارب ڊالر جي مجموعي سڌ??سن??ون سيڙپڪاري سان تعمير ٿيندڙ انهن ??نصوبن جي افتتاح سان ٿر جي ڪوئلي سان بجلي جي موجوده پيداوار وڌائي 3300 ميگاواٽ ٿي ويندي. گذريل چئن سالن ۾ انهن ??نصوبن کي تعطل جو شڪار رکيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي انهن ??نصوبن جي پڄاڻي کي اولين ترجيح بڻايو ويو. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب به ڪندو.