اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بجلي ج?? چور?? روڪڻ کي حڪومتي ترجيح قرار ڏيندي بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، اها ڪميٽي صوبائي حڪومتن سان گڏجي ٽرمز آف ريفرنس ۽ مقرر مدي جو تعين ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيا?? موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي صوبن جي دائري اختيار ۾ منتقل ڪرڻ تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي بجل?? چوري، عدم وصولين ۽ لائين لاسز جي نتيجي ۾ خساري بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي وفاق ۽ صوبن ۾ بلن جي وصولي لاءِ موجود انتظامي ڍ??نچي جو موازنو پڻ پيش ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جو نظام صوبن جي حوالي ڪرڻ آئيني قدم آهي. ان قدم سان بلن جي وصولي ۽ بجل?? چوري ج?? روڪٿام ۾ خاطرخواهه بهتري ايندي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نظام جي منتقلي جي لاءِ سڀ کان اڳ سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت سان رابطو ڪيو هو. وزيراعظم ڪميٽي کي جلد حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ا?? موقعي تي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ بجل?? چوري ڪندڙ عنصرن جو موثر خاتمو ڪنداسين. هن چيو ته وفاق صوبن جي سگهه وڌائڻ جي لاءِ فني مدد فراهم ڪندو، صوبن وٽ بجلي جي بلن جي وصولين جي لاءِ بهتر انتظامي ڍ??نچو موجود آهي، وصولين جي لاءِ بهتر انتظامي ڍ??نچو بجلي جا گردشي قرض ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، انجنيئر خرم دستگير، عابد حسين ڀيو، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاون جهازيب خان، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير، اعظم خان، پنجاب ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽريز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.