اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موج?? صدر ناز آفريدي، سحر لاکاڻي ۽ سرمد علي کي اي پي اين ايس جو متفقه لاڳاپيل صدر ۽ سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي ??مي?? ظاهر ڪئي آهي ت?? نوان چونڊيل عهديدار ملڪ ۾ ميڊيا جي ترقي لاءِ قدم وڌيڪ تيز ڪندا. صدر امتنان شاهد کي سينيئر نائ?? صدر طور، محمد اسلم قاضي کي نائ?? صدر، ايس ايم منير جيلاني کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ شهاب زبيري کي فنانس سيڪريٽري اي پي اين ايس چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ميڊيا ملڪ ۾ امن، برداشت، اخلاقي ۽ جمهوري قدرن جي فروغ لاءِ ڪم ڪري. ڊاڪٽر عارف ??لوي فيڪ نيوز کي روڪڻ جي لاءِ اخبارن پاران ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ميڊيا سماجي مسئلن، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن تي ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪري.