اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڻي زندگي آهي ۽ اسان مان هر هڪ پاڻي وسيلن کي محفوظ بڻائڻ کي يقيني بڻائي ?? پنهنجي ٻارن کي ائين ڪرڻ سيکارين. پاڻي جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڻي جو عالمي ڏينهن ان ڳالهه کي سمجهڻ بابت آهي ته پاڻي وسيلا ڪيترا قيمتي ۽ ناياب آ??ن ۽ اسان کي پاڻي جي استعمال ج?? پنهنجي عادتن کي ڪهڙي ط??ح بدلائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڻي هڪ لائيف لائين آهي ۽ اهو اسان سڀني مان هر هڪ تي آهي ته اسان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته اسان پاڻي وسيلن کي محفوظ ڪريون ?? پنهنجي ٻارن کي ائين ڪرڻ سيکاري??ن، گڏجي اسان فرق ڪري سگهون ٿا.