اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب 1973ع جي آئين جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو ??هي ته اچو وچن ڪريون ته ايندڙ 50 سال ماضي جي 50 سالن جي غل??ين جو ازالو ٿيندو، قوم جي ڏکن جو مداوو ٿيندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??ه هي عوام جي حقن ۽ رياستي ادارن جي فرضن جو ڪتاب آهي، هي اتحاد ۽ اتفاق جي ضامن، عدل ۽ انصاف، برابري ۽ آزادي جي ضمانت آهي، هي واعدو آهي الله تعاليٰ سان ته حاڪميت رڳو ان جي آهي، هي اختيار عوام چونڊيل نمائندن جي ذريعي استعمال ڪندو. آئين کان انحراف تي ملڪ ۽ قوم صدما بردا??ٽ ڪيا، ناچاقي ۽ نااتفاقي، محرومين، دهشتگردي، معاشي تباهي، مهانگائي جا عذاب برداشت ڪيا. هن چيو ??ه آئين کان انحراف سان ادارا برباد ٿيا، عدل ۽ انصاف جي جڳهه ظلم ورتي، اچو وچن ڪريون ته ايندڙ 50 سال ماضي جي 50 سالن جي غل??ين جو ازالو هوندا، قوم جي ڏکن جو مداوو هوندا.